ورِي مونکي اڃان ويتروڻِي آئِي
چِٽِي مهندِي ڪرايون هٿ، ٻئي پيرن
ڀِرُن وچَ تي ڪجل بنديا، هَڻِي آئِي
لبن مُرڪون هٿن گُلڙا، لڪائي اڄ
ڀَرِي محفل ڏيڻ ڪنهنکي، کَڻِي آئِي
پگھر منهن تي هُئس موتي، غُصي آور
الائي ڇو؟ وري ڪنهن تي، تڻِي آئِي
وٺي سُهڻي سهيلي سٿ، ڀٽائيءَ تي،
ڏسڻ سنڌ ڪوٽ ٿر جو سا، رڻِي آئِي!
سومار سنگم مڱڻهار
0 Comments