Ticker

6/recent/ticker-posts

کدڙو کيڪارَ مان ، ڇا ڄاڻي؟

Sindhi Poetry
Sindhi Poetry




 کدڙو کيڪارَ مان ، ڇا ڄاڻي؟

گڏهه جو ڦر گار مان ، ڇا ڄاڻي؟


حرامي هر ٻار، لُچ ٿيندو آ،

عزت بنگلي ، ڪار مان ڇا ڄاڻي؟


چٺ ۾لڪيو جنهن، رُڳو جوٺو سو،

مکڻ ماکي لار مان ڇا ڄاڻي؟


رات جا ڇوري نچي نوٽن تي

مرد جي پيارَ مان ڇا ڄاڻي؟


جو وڄائي پيو زندگي ڊڍ 

تند تنبوري تار مان، ڇا ڄاڻي؟


مٺ مٽيءَ جا ڪنڀر، ٺاهي سو

تِير سِراڻ ڌار مان، ڇا ڄاڻي؟


سنگم تولئه بس ، اشارو ڪافِي

چرڳ سنسار مان ڇا ڄاڻي؟


سومار سنگم مڱڻهار

Post a Comment

0 Comments